حوزوي، قبائلي ۽ سرڪاري شخصيتن جي موجودگيءَ ۾ مرجعِ عالي‌قدر حضرت آيتُ‌الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين النجفي دام ظلّهُ الوارف جي دفترِ نجفِ اشرف ۾ سندن ڀاءُ، شيخ نذير حسين رحمهُ الله جي ايصالِ ثواب لاءِ مجلسِ ترحيم جو اهتمام ڪيو ويو۔

28/10/2025

هيءَ مجلس ترحيم مرجعِ عالي‌قدر حضرت آيتُ‌الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين النجفي دام ظلّهُ الوارف جي مرڪزي دفترِ نجف اشرف ۾ سندن ڀاءُ، شيخ نذير حسين رحمهُ الله جي ايصالِ ثواب لاءِ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ حوزه علميه جا علماءِ، طلابِ علومِ دينيه، قبائلي عُمائِدين ۽ مومنن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، گڏوگڏ ڪيترين ئي سرڪاري شخصيتن ۽ وفدن پڻ حاضري ڀري ۽ حضرتِ آيتُ‌الله العظمى (دام ظلّه) جي خدمت ۾ تعزيت ۽ دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو۔

شرڪاءِ مجلس پاران دعا ڪئي وئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي وسيع رحمت ۾جڳھ  عطا ڪري ۽ جنتِ فردوس ۾ بلند مقام نصيب فرمائي۔

ساڳيءَ وقت حاضرين حضرتِ آيتُ‌الله العظمى (دام ظلّه) جي لاءِ صبر، حوصلي، دائمي صحت ۽ ڊگهي ڄمار لاءِ دعا ڪئي، ته جيئن هو دينِ مبين ۽ امتِ مسلمه جي خدمت جو عمل جاري رکن۔

ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو

موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو