|
حوزوي، قبائلي ۽ سرڪاري شخصيتن جي موجودگيءَ ۾ مرجعِ عاليقدر حضرت آيتُالله العظمى الحاج حافظ بشير حسين النجفي دام ظلّهُ الوارف جي دفترِ نجفِ اشرف ۾ سندن ڀاءُ، شيخ نذير حسين رحمهُ الله جي ايصالِ ثواب لاءِ مجلسِ ترحيم جو اهتمام ڪيو ويو۔ 28/10/2025 ![]() |
هيءَ مجلس ترحيم مرجعِ عاليقدر حضرت آيتُالله العظمى الحاج حافظ بشير
حسين النجفي دام ظلّهُ الوارف جي مرڪزي دفترِ نجف اشرف ۾ سندن ڀاءُ، شيخ نذير حسين
رحمهُ الله جي ايصالِ ثواب لاءِ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ حوزه علميه جا علماءِ، طلابِ
علومِ دينيه، قبائلي عُمائِدين ۽ مومنن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، گڏوگڏ ڪيترين ئي سرڪاري
شخصيتن ۽ وفدن پڻ حاضري ڀري ۽ حضرتِ آيتُالله العظمى (دام ظلّه) جي خدمت ۾ تعزيت
۽ دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو۔ شرڪاءِ مجلس پاران دعا ڪئي وئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي وسيع رحمت
۾جڳھ عطا ڪري ۽ جنتِ فردوس ۾ بلند مقام نصيب
فرمائي۔
ساڳيءَ وقت حاضرين حضرتِ آيتُالله العظمى (دام ظلّه) جي لاءِ صبر، حوصلي، دائمي صحت ۽ ڊگهي ڄمار لاءِ دعا ڪئي، ته جيئن هو دينِ مبين ۽ امتِ مسلمه جي خدمت جو عمل جاري رکن۔ |