مرجع مسلمين و شيعان جهان فقيه اهل بيت حضرت آيت الله العظمى الحاج سماحة الشيخ حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف)
14/1/2024
بسم اللہ الرحمٰن الرحیم
الحمد للہ رب العالمین و الصلاة والسلام علی خیر خلقہ خاتم الانبیاء و المرسلین ابی القاسم محمد و آلہ الطاہرین المظلومین و اللعنة الدائمة علی اعدائھم وظالمیھم الی یوم الدین.
علمي سَماج ۾ هي هڪ مڃيل مڃايل ۽ تسليم ٿيل ڳالهه آهي ته ڪنهن به نينگر جي فڪري ترقي ۽ عقلي عروج تي اثرانداز ٿيندڙ سڀ کان پهريون عنصر اهو گهراڻو آهي جنهن جي ڇانو ۾ هو نِپي پرورش پائي ٿو، ۽ جنهن جي پرن هيٺيان سندس عقل جي پَني تي تهذيب ۽ تمدن جا مختلف نقش اڀرن ٿا ۽ جنهن جي هنج ۾ سندس شخصيت مختلف صفاتي ايجادن جي رنگ ۾ رنگجي وڃي ٿي.
ان لاءِ اسان هن مختصر اُهڃاڻ ۾ ان واديءَ کان تڪڙ ۾ گذرون ٿا جنهن جي خوشبؤدار گُلن جي لڙهي ۽ پاڪيزه نفسن جي رفاقت ۾ آيت الله العظمى....پرورش پاتي.
الشيخ، المجدد، المجتهد، الڪبير، الفقيه، المحقق، الاصولي، المنطقي، شيخ الاسلام، الحافظ بشير حسين نجفي بن صادق علي بن محمد ابراهيم بن عبدالله هندستان جي شهر جهالندر (پنجاب) ۾ 1942ع ۾ اهڙي اتم اقدار واري گهراڻي ۾ پيدا ٿيا جنهن جي فضل ۽ ڪمال ۽ علمي مقام جي رونق پوري پُرڳڻي ۾ پکڙيل هئي.
سائين جن جو ڏاڏو هڪ معروف علمي ۽ سماجي شخصيت هو جنهن جي اوطاق هر امير ۽ فقير جي بيٺڪ ۽ هر مڪتبِ فڪر جي ماڻهو لاءِ ٺڪاڻو، ۽ حق جي ڳولا ڪندڙ لاءِ منزل مقصود هئي.
۽ سائين جن جي مرحوم ڏاڏَي جو مهمان خانو هر وقت ماڻهن سان ڀريل هوندو هو، ۽ اتي مختلف سوچ رکندڙ ۽ هر قسم جي مڪتب فڪر جي ماڻهن درميان بحث ۽ مباحثو ۽ مناظرو هلندو رهندو هو. سندس وفات کانپوءِ سائين جن جي والد مرحوم پنهنجي پئ جي سيرت کي اختيار ڪيو ۽ پنهنجي سڄي زندگيءَ انسانيت ۽ سماج جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي.
بس سائين جن محبت اهل بيت ع سان سيراب ۽ ايماني بهار جي عروج ڪارڻ ۽ ساوڪ جي چادر اوڙهيل ڌرتيءَ ۽ وڻن جي قدرتي ڇانو ۾ پنهنجي زندگي جي سفر جي شروعات ڪئي. ۽ اهڙي هوا ۾ پرورش پائي پنهنجو ٻالڪ پڻ گذاريو جنهن جي هر هِير دين، مذهب ۽ انساني خدمت جي پاڪيزه جذبن سان خوشبؤدار هئي.
سائين جن جو ابو ۽ امڙ ٻئي پنهنجي ڀاڳ ڀريي پُٽ کي صحيح اسلامي تربيت ڏيڻ سان گڏوگڏ، اسلامي ثقافت سان سنوارڻ ۽ سندس عقل جي ذرخيز کيتي ۾ معارفِ الٰهي ۽ ديني علمَ جي پوک پوکڻ ۾ هر وقت ڪوشش ۾ رڌل رهندا هئا.
علمي سفر
سائين جن علمي رزق جو لقمو پنهنجي گهر کان ئي کائڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي ڏاڏا سائين جناب مرحوم محمد ابراهيم ۽ پنهنجي چاچي سائين جناب خادم حسين جعفري وٽ عربي گرامر صرف، نحو ۽ فقه وغيره جي شروعاتي تعليم حاصل ڪئي، پوءِ لاهور ۾ آيت الله اختر عباس (قدس سره) وٽ شاگردي جا گوڏا کوڙيا ۽ ڳَچ عرصي تائين کائنس علمي فيض مان فيضياب ٿيندا رهيا، ليڪن ان پوري عرصي دوران علمي اُڃ هڪ لاعلاج مرض جيان چُنبڙيل رهي، ۽ علمي بلندين کي سَر ڪرڻ جي سِڪ واري سوچ هميشه بُراق جي ڳولاء ۾ رُڌل رهي ۽ علمي سمنڊ ۾ موجود موتي ڳولڻ جي جستجو روح ۽ جسم تي غالب رهي.
نجف اشرف ڏانهن هجرت
علم ۽ معرفت جي پکڙيل موتين کي هڪ هنڌ پائڻ ۽ کين حاصل ڪرڻ جي ختم نٿيندڙ سِڪ کيس بابِ مدينة العلم کي کڙڪائڻ جو عملي اعزاز حاصل ڪرڻ تي مجبور ڪيو، ۽ نيٺ پنهنجي سون جهڙن خوابن جي تعبير جو تاج پائڻ لاءِ پاڻ سفر جي پوشاڪ پائي سن 1965ع ۾ نجف اشرف جي عظيم حوزه علميه ۾ داخلي لاءِ ڪوچ ڪرڻ جي نگارن فضائن، هوائن ۽ مَٽجندڙ تاريخ جي پيشاني تي نشان ڪري ڇڏيو.
نجف اشرف جي علم، ادب ۽ عرفان جي بنياد تي تصديقاتي ۽ تخليقاتي اڱڻ تي قدم رکڻ سان ئي اجتهاد ۽ مرجعيت جي هماليه جهڙين بلندين کي سَر ڪرڻ لاءِ پاڻ اميرالمؤمنين ع جي مقدس ۽ بابرڪت پاڙي کي هميشه هميشه لاءِ اختيار ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو، ۽ پنهنجي زندگي کي اهل بيت ع جي علمي سمنڊ جي اوناهي مان مومتين کي چونڊڻ ۽ انهن کي شيعانِ حيدر ڪرار ۾ ونڊڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.
پاڻ علمي اُڃ کي اجهائڻ لاءِ اميرالمؤمنين ع جي ان پاڙي کي پنهنجي ٺڪاڻي طور چونڊيو جتي علمي بلنديون سَر ٿيندي نظر اچن ٿيون ۽ اتي جي گهلندڙ هوا اميرالمؤمنين ع جي ضريح پاڪ جي قدم بوسي ڪندي ۽ سندس سوني قبي کي سلامي ڏيندي پنهنجي هنج ۾ انمول موتي کڻي ساهن کان اهڙي طرح گذري ٿي جيئن بي مثال عطر ۽ خوشبؤ هجي ۽ جيڪا گلن جي هٻڪار سان ڀريل چمن کان گذري ڪري اسان جي ساهن سان اچي ٽڪرائجي ٿي.
فڪري آئيني کي علومِ اهل بيت ع سان وڌيڪ سينگارڻ ۽ ان تي علمي بلندي جو نقش ڪڍڻ، ۽ گُل ۽ ٻوٽن جي چٽڪاري ڪرڻ لاءِ نجف اشرف ۾ اچڻ سان ئي پاڻ ان وقت جي مشهور ۽ ماهر استادن وٽ ادب جا گوڏا کوڙيا ۽ انهن کان گهڻن ئي علمن ۾ ڪسبِ فيض ڪيو. سندس استادن مان ذڪر جوڳي شخصيتن مان آيت الله شيخ محمد ڪاظم تبريزي (قده) به شامل آهن جن وٽ پاڻ ڪفايه ۽ درس خارج جو ڪجھ حصو پڙهيو. پاڻ آيت الله العظمى شيخ محمد حسين اصفهاني(قده) جا پيارا شاگرد هئا. ۽ حوزه جي سڀ کان وڌيڪ قابل استاد آيت الله العظمى سيد محمد روحاني جي اصول ۽ فقه جي درس خارج ۾ مسلسل ست سالن کان وڌيڪ عرصي تائين شرڪت ڪئي. ۽ استاد المراجع آيت الله العظمى سيد ابوالقاسم خوئي (قدس سره) جي درس خارج ۾ تقريبا ارڙنهن سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين ڪسب فيض ڪندا رهيا، ۽ گڏوگڏ پاڻ به درس خارج ۽ ٻين مختلف علمن سان طالبعلمن کي علمي زيور سان سينگاريندا رهيا.
تدرسي خدمتون
جيئن هميشه کان سائين جن جو قرآن جي ظاهري ۽ باطني حقيقتن کي ڄاڻڻ، فقه آل محمد جي الهامي رازن کي سڄاڻڻ ۽ علومِ اهل بيت ع جي وسيع ڪائنات جي مسافتن کي طئي ڪرڻ جو شوق عروج ۽ معراج جي منزلن کي ڇُهي رهيو هو ائين انهن علمن جي حفاظت ۽ پکيڙ جو جذبو به پنهنجي اوچائي ۾ بي نظير حد تائين پهتل هو.
سائين جن ڪافي عرصي تائين جامعة المنتظر (لاهور) ۾ تدريسي خدمتون انجام ڏيندا رهيا، ۽ نجف اشرف ۾ اچڻ کانپوءِ پنهنجي قابليت ۽ علوم اهل بيت ع کي پکيڙڻ جي پاڪيزه جذبي سان سن 1966ع ۾ تدريس جو باقاعده آغاز ڪيو ۽ مختلف ادبي، منطقي، فلسفي، اصولي ۽ فقهي علوم جي ذريعي طالبعلمن جي عقل ۽ شعور کي منور ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندا رهيا.
سائين جن فقه ۽ اصول جي درس خارج پڙهائڻ جي شروعات سن 1974 ع ۾ ڪئي جيڪو سلسلو اڄ تائين بغير ڪنهن وقفي جي جاري آهي. نجف اشرف ۾ موجود عالمن، فاضلن ۽ سائين جن جي ڀلوڙ شاگردن کان مان هميشه اها ڳالهه ٻڌي آهي ۽ پنهنجي ڪم علمي ۽ ڪج فڪري سان پرکيو به آهي ته درسِ خارج ۽ ٻين علمن کي پڙهائڻ جي حوالي سان آيت الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله) جهڙي بلند پايه شخصيت پوري دنيا ۾ اَمُلهه ۽ اڻ لڀ آهي. پاڻ سڀني علمي مطلبن، اعتراضن ۽ اشڪالن کي حل ڪرڻ، ۽ قرآني لفظن جي تشريح ۽ آيتن جي لفظي وضاحت، روايتن ۾ تعادل ۽ تراجيح ۽ هر قسم جي اعتقادي پيچيدگين کي پنهنجي فڪري گلدان ۾ هر وقت ائين سينگاري رکندا آهن ڄڻ هاڻ ئي علمي گلستان مان چونڊي آندا هجن.
پڙهائڻ ۾ اهڙي معياري ۽ مناسب انداز کي اختيار ڪندا آهن جو بلڪل اونهين بحثن ۽ خالص علمي مطلبن کي به سمجهاڻي جي سادي ڍانچي ۾ آڻي ڪري پيش ڪندا آهن. ۽ ٻڌندڙن کي لاٽ ذريعي علم جي آفتاب تائين پهچڻ جي سکيا ڏيندا آهن. پوري دنيا ۽ خاص طور تي نجف اشرف ۾ هزارن جي تعداد ۾ عالم ۽ فاضل سڌي يا اڻ سڌي طرح کائنس ڪسبِ فيض ڪرڻ کان پوءِ علمي اڃارن کي سيراب ڪندا رهندا آهن. سندس شاگردن مان اهڙا به عالم سڳورا آهن جيڪي درس خارج پڙهائڻ جي سعادت ماڻي رهيا آهن.
تاليفات
ڪنهن به ليکڪ جو قلم سندس عقل ۽ شعور جو ترجمان، سندس علم جو ايلچي، ۽ سندس سوچ ۽ ويچار جو علمبردار هوندو آهي، ۽ جڏهن ڪنهن جي قلم جي ڪاراڻ اڇي پني جي مُنهن تي مختلف قسم جون لڪيرون ڪڍندي آهي ته انجي ٽيڏين لڪيرن ۾ صاحب قلم جي علم ۽ ڪمال جي صورت اڀري ڪري سامهون ايندي آهي.
درس ۽ تدريس ۽ ٻين کوڙ سماجي خدمتن کي انجام ڏيڻ جي ڪري سائين جن جي زندگي مصروفيت سان ڀريل آهي پر ان باوجود به مختلف موضوعن ۽ کوڙ علمن جي باري ۾ سندس جي قلمي شاهڪار هماليه جي چوٽين وانگر علم جي آسمان جي بلندين تائين رسائي ڪئي آهي ۽ پنهنجي وجود ۾ بي مثل ۽ اڻ لڀ آهن. ۽ انهن قيمتي لکڻين مان ڪجھ جا نالا پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪريون ٿا:
*:الدين القيم (رساله عمليه جيڪو ٽن جلدن تي مشتمل آهي)
*:وقفة مع مقلدى الموتى
*:مرقات الاصول
*:مناسک الحج
*:خير الصحائف في احکام العفائف
*:مئة سوال حول الخمس ھدیہ الناشئة
٭:احکام الصوم
٭:ستبقی النجف رائدة حوزات العالم
٭:الخریت العتید فی احکام التقلید
٭:مصطفی دین القیم
٭:المرشد الشفیق الی حج البیت العتیق
٭:المنھل العذب لمن ھو مغترب
٭:بحوث فقھیة معاصرة
٭:الشعائرالحسینیة ومراسیم العزاء
٭:الی الشباب
٭: شرح معالم الاصول
٭:رسالة فی اعتکاف
٭:ولادت امام مہدی
٭:رسالة فی احکام الغیبة
٭:رسالة فی قاعدة ما یضمن بصحیح
٭:شرح کفایة الاصول
٭: تنقیح الرواة
٭:بحث مفصل فی علم الدرایة
٭:شرح منظومة الحکیم السبزواری (قسم المنطق )
٭:شرح مطالب القوانین فی الاصول
٭:رسالة فی دائرة الھندیہ و تعیین القبلہ
٭:تعلیقة علی شرح التجرید
٭:بحث علی ارث شرح اللمعة
٭:رسالة فی احکام الرادیو و تلفزیون والتمثیل
٭:رسالة الخمس استدلالیة
٭:الغدیر اطالة واعمال
٭:رسالة فی صلاة الجمعة
٭:تائب حبیب اللہ
انهن ذڪر ٿيل ڪتابن مان ڪجھ جو ترجمو مختلف زبانن ۾ ٿي چڪو آهي
سماجي خدمتون
ڪنهن به انسان جي شخصيت ۽ منزلت کي سڃاڻڻ جي وڏي نشاني معاشري ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ آهي سائين جن جو شمار به انهن ماڻهن منجهان ٿيندو آهي جيڪي پنهنجي زندگيءَ کي معاشري مان جهالت ۽ معاشرتي ۽ سماجي ڏکاين کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو آهي، شايد سائين جن جي زندگيءَ ۾ ڪا اهڙي گهڙيءَ هجي جيڪا سماجي خدمت کان خالي هجي.
اسان انهن منجهان فقط ڪجھ کي توهان جي خدمت ۾ پيش ڪريون ٿا.
*: غريب ۽ حاجت مند مومنن جي لاءِ مهينيوار مالي مدد ڪرڻ.
*: مومنن جو مفت علاج ۽ وقفي وقفي سان مفت ميڊيڪل ڪيئمپ جو انعقاد ڪرڻ.
*: ”مدارس دار الزهراء الخيريه“ جي نالي سان کوڙ اسڪولن جو قيام ڪرڻ جتي يتيم ۽ غريب مومنن جا ٻار جديد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
*:موسسه انوار نجفيه جي تحت ڪمپيوٽر اڪيڊمي جو قيام جتي مومنن کي ڪمپيوٽر سائنس جي علم سان منور ڪيو ويندو آهي.
*: عراق ۾ موجود ماتمي انجمنن ۽ عزاداري ڪرائڻ وارين تنظيمن جي سرپرستي ڪرڻ جنهن بنا تي مختلف مناسبتن تي انهن جي هر طرح جي مدد پڻ ڪئي ويندي آهي.
*: پنهنجي وڪيلن ، معتمدن ۽ حوزي علميه جي علماء ۽ فضلاء کي مختلف علائقن ۾ موڪلڻ تاڪ مومنن کي ديني ، سماجي، سياسي ۽ هر طرح جي ذميدارين کان آگاه ڪيو وڃي.
*: مومنن جي گهرن تائين مفت بجلي پهچائڻ جي لاءِ متعدد وڏن جنريٽرن جو بندوبست ڪرڻ جنهن مان هزارن جي تعداد ۾ مومن فائدو وٺي رهيا آهن.
*: مسجدن ، مدرسن ، ۽ امام بارگاهن کي تعمير ۽ ترميم ڪرائڻ.
*: درسي ڪتب کي ڇپرائڻ ۽ انهن کي حوزي علميه ۾ پهچائڻ.
*: حوزي علميه جي طالب علمن ۽ استادن جي لاءِ مهينيوار وظيفو ۽ مختلف روڪ ۽ اڻ روڪ انعامن ورهائڻ ۽ سندن ميڊيڪل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ.
*: حوزوي نصاب جي نئين سر سان ترتيب ڏيڻ.
ڪنهن به قوم جي پستي جو سڀ کان وڏو سبب جهالت ۽ مذهب کان پري هجڻ ۽ منهن موڙڻ آهي اها ئي وجه آهي جو سائين جن تعليم جي روشني ڏيڻ ۽ دين ۽ مذهب سان جڙيل شين کي پکيڙڻ ۾ زور ڏيندا آهن.
طالب علم، استاد ۽ تعليم ۽ تربيت سان جڙيل هر انسان کي وڏي ادب ۽ احترام جي نظر سان ڏسندا آهن ۽ وس آهر سندن علمي سفر کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪوشش ڪندا رهندا آهن.
آيت الله آلعظمى جي خواهش آهي ته نجف اشرف ۽ ٻين ملڪن خاص ڪري پاڪستان ۽ هندستان ۾ مومنن جي لاءِ ديني ۽ جديد دنياوي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ وڏن وڏن ادارن کي کوليو وڃي تاڪ مومن انهن تعليمي ادارن ۾ مفت تعليم حاصل ڪري قوم ۽ ملّت کي جهالت ۽ غربت جي لعنت کان پري ڪن.
اهڙي طرح سائين جن حوزي علميه نجف اشرف ۾ هزارن جي تعداد ۾ گهر، ڪالوني ۽ جديد ترين اسپتال کولڻ جو پِڻ ارادو رکن ٿا.
الله سائين آية الله العظمى سماحة الشيخ حافظ بشير حسين نجفي( دام ظله الوارف) کي جهجهي ڃمار نصيب فرمائي ۽ سائين جن جي سڀني نيڪ خواهشن کي پورو ڪري ۽ اسان کي کائنس وڌ کان وڌ فائدو ماڻڻ جي توفيق عنايت فرمائي (آمين).