يورپي يونين جي سفير جي وفد سميت مرجعِ عالي قدر حضرت آيتُ اللهِ العُظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دامَ ظِلُّهُ الوارِف) سان ملاقات

يورپي يونين جي سفير جي وفد سميت مرجعِ عالي قدر حضرت آيتُ اللهِ العُظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دامَ ظِلُّهُ الوارِف) سان ملاقات



22/12/2025


نجفِ اشرف:  مرجعِ مسلمِين و جهانِ تشيّع حضرت آيتُ اللهِ العُظمىٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي ( دامَ ظِلُّهُ الوارِف ) نجفِ اشرف ۾ پنهنجي مرڪزي دفتر ۾ عراق لاءِ يورپي يونين جي سفير ڪليمينس سيمٽنر ۽ سندس ساٿين تي ٻڌل وفد جو استقبال ڪيو.

ملاقات دوران عالمي سطح تي انساني نوعيت جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔ مرجعِ عالي قدر ـ دامَ ظِلُّهُ الوارِف ـ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته يورپي مشن عراق بابت پنهنجون سرڪاري ذميواريون اهڙي انداز سان نڀائي، جو قومن جي خدمت جو سبب بڻجن، ۽ معاشي، علمي ۽ سماجي ميدانن سميت سڀني پهلوئن ۾ بهتري آڻي سگهن۔

ان سان گڏوگڏ، قومن جي سڃاڻپ ۽ تشخص جي احترام جي اهميت تي خاص ڌيان ڇڪايو، خاص طور تي عراقي عوام جي سڃاڻپ ڏانهن، جيڪي ڌرتيءَ جي سڀ کان قديم ۽ اوائلي تهذيبن جا وارث آهن۔

ٻئي پاسي، يورپي يونين جي سفير عراق ۾ پنهنجي سفارتي مشن جي ذميوارين بابت تفصيلي جائزو پيش ڪيو ۽ حسنِ استقبال ۽ بابرڪت وقت عطا ڪرڻ تي دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو.



ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو