|
يورپي يونين جي سفير جي وفد سميت مرجعِ عالي قدر حضرت آيتُ اللهِ العُظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دامَ ظِلُّهُ الوارِف) سان ملاقات 22/12/2025 ![]() |
نجفِ اشرف: مرجعِ مسلمِين و جهانِ
تشيّع حضرت آيتُ اللهِ العُظمىٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي ( دامَ ظِلُّهُ الوارِف
) نجفِ اشرف ۾ پنهنجي مرڪزي دفتر ۾ عراق لاءِ يورپي يونين جي سفير ڪليمينس سيمٽنر
۽ سندس ساٿين تي ٻڌل وفد جو استقبال ڪيو. ملاقات دوران عالمي سطح تي انساني نوعيت جي مختلف معاملن تي خيالن جي
ڏي وٺ ڪئي وئي۔ مرجعِ عالي قدر ـ دامَ ظِلُّهُ الوارِف ـ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته يورپي
مشن عراق بابت پنهنجون سرڪاري ذميواريون اهڙي انداز سان نڀائي، جو قومن جي خدمت جو
سبب بڻجن، ۽ معاشي، علمي ۽ سماجي ميدانن سميت سڀني پهلوئن ۾ بهتري آڻي سگهن۔ ان سان گڏوگڏ، قومن جي سڃاڻپ ۽ تشخص جي احترام جي اهميت تي خاص ڌيان ڇڪايو،
خاص طور تي عراقي عوام جي سڃاڻپ ڏانهن، جيڪي ڌرتيءَ جي سڀ کان قديم ۽ اوائلي تهذيبن
جا وارث آهن۔
ٻئي پاسي، يورپي يونين جي سفير عراق ۾ پنهنجي سفارتي مشن جي ذميوارين بابت تفصيلي جائزو پيش ڪيو ۽ حسنِ استقبال ۽ بابرڪت وقت عطا ڪرڻ تي دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو. |