علامه سيد رضي جعفر (حفظهُ الله) جي مرجعِ عالي قدر حضرت آيتُ اللهِ العُظمىٰ حافظ بشير حسين نجفي (دامَ ظِلُّهُ الوارِف) سان ملاقات

علامه سيد رضي جعفر (حفظهُ الله) جي مرجعِ عالي قدر حضرت آيتُ اللهِ العُظمىٰ حافظ بشير حسين نجفي (دامَ ظِلُّهُ الوارِف) سان ملاقات



12/12/2025


حجّتُ الاسلام والمسلمين علامه سيد رضي جعفر (حفظهُ الله ) مرجعِ عالي قدر حضرت آيتُ اللهِ العُظمىٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي ( دامَ ظِلُّهُ الوارِف ) سان مرڪزي دفتر نجفِ اشرف ۾ ملاقات ڪئي۔

هن ملاقات جو بنيادي مقصد مرجعِ عالي قدر ( دامَ ظِلُّهُ الوارِف ) جي زيارت ۽ عيادت ڪرڻ هو۔

علامه سيد رضي جعفر ( حفظهُ الله ) نهايت خلوص، ادب ۽ عقيدت سان مرجعِ عالي قدر جي عيادت ڪئي، سندن مزاج پرسي ڪئي، ۽ سندن مڪمل صحت، جلد شفايابي، ڊگهي ڄمار ۽ دائمي عافيت لاءِ دعا گھري۔

ان موقعي تي مرجعِ عالي قدر حضرت آيتُ اللهِ العُظمىٰ حافظ بشير حسين نجفي ( دامَ ظِلُّهُ الوارِف ) علامه سيد رضي جعفر ( حفظهُ الله ) جي علمي، ديني ۽ تبليغي خدمتن کي ساراهيندي، کين وڌيڪ توفيق، ڪاميابين ۽ برڪتن سان نوازجڻ لاءِ دعا فرمائي۔





ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو