|
علامه سيد رضي جعفر (حفظهُ الله) جي مرجعِ عالي قدر حضرت آيتُ اللهِ العُظمىٰ حافظ بشير حسين نجفي (دامَ ظِلُّهُ الوارِف) سان ملاقات 12/12/2025 ![]() |
حجّتُ الاسلام والمسلمين علامه سيد رضي جعفر (حفظهُ الله ) مرجعِ عالي
قدر حضرت آيتُ اللهِ العُظمىٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي ( دامَ ظِلُّهُ الوارِف )
سان مرڪزي دفتر نجفِ اشرف ۾ ملاقات ڪئي۔ هن ملاقات جو بنيادي مقصد مرجعِ عالي قدر ( دامَ ظِلُّهُ الوارِف ) جي
زيارت ۽ عيادت ڪرڻ هو۔ علامه سيد رضي جعفر ( حفظهُ الله ) نهايت خلوص، ادب ۽ عقيدت سان مرجعِ
عالي قدر جي عيادت ڪئي، سندن مزاج پرسي ڪئي، ۽ سندن مڪمل صحت، جلد شفايابي، ڊگهي ڄمار
۽ دائمي عافيت لاءِ دعا گھري۔
ان موقعي تي مرجعِ عالي قدر حضرت آيتُ اللهِ العُظمىٰ حافظ بشير حسين نجفي ( دامَ ظِلُّهُ الوارِف ) علامه سيد رضي جعفر ( حفظهُ الله ) جي علمي، ديني ۽ تبليغي خدمتن کي ساراهيندي، کين وڌيڪ توفيق، ڪاميابين ۽ برڪتن سان نوازجڻ لاءِ دعا فرمائي۔ |