اسلامي جمهوريه ايران جي قونصل جنرل جي مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) سان نجف اشرف ۾ ملاقات

اسلامي جمهوريه ايران جي قونصل جنرل جي مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) سان نجف اشرف ۾ ملاقات



8/12/2024


مرجع مسلمين و جهانِ تشيع  حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) پنهنجي مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي قونصل جنرل جناب سعيد سيدين صاحب ۽ سندن ساٿي وفد جو استقبال ڪيو.

مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) مسلم ملڪن، خاص ڪري جمهوريه عراق ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ساڳئي وقت، نجف اشرف ۾  قونصل جنرل جي حيثيت سان سندن مقرر ٿيڻ تي کين مبارڪباد پيش ڪئي ۽ سندن ڪاميابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.

پنهنجي طرفان، اسلامي جمهوريه ايران جي قونصل جنرل مهيا ڪيل مشورن، رهنمائين ۽ قيمتي وقت ڏيڻ تي مرجع عالي (قدر دام ظله)جو شڪريو  ادا ڪيو.





ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو