اسلامي جمهوريه ايران جي قونصل جنرل جي مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) سان نجف اشرف ۾ ملاقات 8/12/2024 |
مرجع
مسلمين و جهانِ تشيع حضرت آيت الله
العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) پنهنجي مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾
اسلامي جمهوريه ايران جي قونصل جنرل جناب سعيد سيدين صاحب ۽ سندن ساٿي وفد جو
استقبال ڪيو. مرجع
عالي قدر (دام ظله الوارف) مسلم ملڪن، خاص ڪري جمهوريه عراق ۽ اسلامي جمهوريه
ايران جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ساڳئي وقت، نجف اشرف
۾ قونصل جنرل جي حيثيت سان سندن مقرر ٿيڻ
تي کين مبارڪباد پيش ڪئي ۽ سندن ڪاميابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.
پنهنجي طرفان، اسلامي جمهوريه ايران جي قونصل جنرل مهيا ڪيل مشورن، رهنمائين ۽ قيمتي وقت ڏيڻ تي مرجع عالي (قدر دام ظله)جو شڪريو ادا ڪيو. |