مرڪزي صفحو
سوانح عمري
خبرون
سماحة المرجع بابت خبرون
دفتر جون خبرون
وڪيلن ۽ معتمدن جون خبرون
ھدايتون ۽ رھنمائيون
سوال ۽ جواب
درس
فقه جا درس
اصول جا درس
تفسير جا درس
اخلاق جا درس
تاليفات
بيان
سوال:جيڪڏهن منھنجو پٽ جنھن جو خرچ آئون برداشت ڪريان ٿو اھو پنھنجو يا پنھنجي ڀائرن جو فطرو ادا ڪري ته ڇا مون تان انھن جو فطرو معاف ٿي ويندو ؟ حالانڪ آئون انھن جي فطري ادا ڪرڻ جي طاقت رکان ٿو ؟
جواب:بسمہ سبحانہ تو تان فطرو معاف ٿي ويندو جيڪڏهن تون پنھنجي پٽ کي خرچ ملڪيت جي عنوان سان ڏيندو ھجين ۽ ھو به ملڪيت جي عنوان سان وٺندو ھجي ، پر جيڪڏهن اھو خرچ تي مسلط ڪرڻ جي عنوان سان ھجي اھڙيءَ طرح جو جيڪو خرچ مان بچي اھو تنھنجي ئي ملڪيت ۾ رھي ته ان صورت ۾جيڪڏهن ان اھو فطرو تنھنجي راضپي يا اجازت سان ادا ڪيو آهي ته تو تان معاف ٿي ويندو نه ته نه . واللہ العالم
سوال:اسان جي ملڪ ۾ گھڻا ماڻهو ٽماٽا ۽ ليٽس (ڪاهو) وغيره سلاد طور کائين ٿا ته ڇا ان مان ڪنهن هڪ کي فطري طور ڪڍي سگھجي ٿو ؟
جواب:بسمہ سبحانہ بھتر آھي تہ فقير کي فطري طور اھا غذا ڏني وڃي جنهن کان انسان کائڻ پيئڻ ۾ بي نياز ناھي ھوندو . ھا جيڪڏهن مڪلف وٽ صرف مذڪور شيئن منجھان ڪا شيء موجود ھجي ته ڪافي آھي . واللہ العالم
اڳيون صفحو
1
پويون صفحو