مرڪزي صفحو
سوانح عمري
خبرون
سماحة المرجع بابت خبرون
دفتر جون خبرون
وڪيلن ۽ معتمدن جون خبرون
ھدايتون ۽ رھنمائيون
سوال ۽ جواب
درس
فقه جا درس
اصول جا درس
تفسير جا درس
اخلاق جا درس
تاليفات
بيان
سوال:ان شخص جي لاء ڇا حڪم آھي جنھن شروع کان لاپرواهيءَ جي ڪري روزا ناھن رکيا يا روزن جي واجب ھجڻ جو علم نہ ھيس ڇا ان تي قضا ۽ ڪفاري سان گڏ تاخير جو فديو به واجب آھي ؟
جواب:بسمہ سبحانہ قضا ۽ ڪفارو ٻئي واجب اٿس جيئن قضا جي تاخير جو فديو پڻ واجب اٿس جي هجيس ته واللہ العالم
سوال:ھڪ اھڙو شخص مري ويو جنھن جي مٿان رمضان مھيني جي روزن جي قضا واجب ھئي ته ڇا ان جي وڏي پٽ تي واجب آھي ته هو ان جي طرفان دير جو فديو ڪڍي؟ ۽ ڇا اهو ان جي ذمي باقي رھندو؟
جواب:بسمہ سبحانہ جيستائين فديي جي ڳالھ آهي ته اھو انجي ڇڏيل ميراث مان ادا ڪندو ليڪن قضا اگر انجي علم نه ھجڻ جي ڪري آھي ته وڏو پٽ انجي قضا ڪندو ليڪن اگر قضا انجي ڪوتاھيءَ جي ڪري ٿي آھي ته پوء وڏي پٽ تي واجب ناھي ليڪن اگر انھن کي وڏو پٽ انجام ڏي ته والد آزاد ٿي ويندو. واللہ العالم
سوال:ھڪڙو شخص مري وڃي جنھن تي رمضان مبارڪ جي روزن جي قضا واجب هجي ته ڇا ھر ڏينھن جي بدلي ھڪ مد طعام ڏيڻ ڪافي آھي؟
جواب:بسمہ سبحانہ اگر ھن روزي کي شرعي عذر جي ڪري ڇڏيو آھي جيئن بيماريءَ جي ڪري ۽ انهيءَ بيماريءَ ۾ ئي رمضان مبارڪ جي قضا رکڻ تي قادر ٿيڻ کان پھريائين مري ويو يا مسافر ھو ۽ قضا رکڻ کان پھريائين مري ويو ته پوء قضا ڪافي آھي ليڪن فديو ڪافي ناھي ڇو جو فديو خاص صورتن لاء ثابت آھي جيڪي توضيح المسائل (الدين القيم ) ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيل آھن.
اڳيون صفحو
1
پويون صفحو