سوال:ھڪڙو شخص بغداد يونيورسٽيءَ ۾ پڙھندو آھي ان جو گھر ديوانيه ۾ آھي ته ان جي نماز جو ڇا حڪم آھي؟
1. جيڪڏهن ھو 7 ڏينھن کان گھٽ رھي ۽ وري پنھنجي
وطن موٽي اچي ؟
2: اگر ھو اتي 10 ڏينھن کان وڌيڪ رھي ٿو ۽ پوء وري واپس
پنھنجي وطن اچي ٿو؟
ياد رھي ته ھو ھر ھفتي ۾ سفر ڪندو آھي ۽ تعليم جي مدت ھڪ سال ھوندي آھي يعني 8 مھينا تقريبا؟
جواب:بسمہ سبحانہ ھن سوال جي مطابق انجي نماز ۽ روزو
بغداد ۽ ديوانيہ ٻنھي ۾ پورو آھي ۽ ھو رستي تي نماز قصر
پڙھندو ۽ اگر زوال ٿي وڃي ٿو ته پوء ان تي ان ڏينھن جي روزي جي قضا واجب آھي واللہ العالم