سوال:آءُ ٻڌو آهي ته جيڪو ماڻهو جينز جي پينٽ پائي ٿو خدا ان جي دعا قبول نه ٿو ڪري ٽن ڏينهن تائين ڇا اھا ڳالھ صحيح آهي؟
جواب:بسمه سبحانه اگر اھو لباس نماز جي ڪمن کي صحيح نموني سان انجام ڏيڻ جي لاءِ اھڙي ريت اھو لباس جسم جي انھن حصن سان چمبڙيل، مليل نه ھجي جن جو نماز جي حالت ۾لڪائڻ واجب آهي ته پوءِ ڪا به منع ناهي. پر اگر اھو لباس نماز جي ڪمن کي صحيح نموني سان انجام ڏيڻ جي لاءِ رڪاوٽ جو سبب ٿئي يا جسم جي انھن حصن سان مليل ھجي جن جو نماز جي حالت ۾ لڪائڻ ضروري آهي ته ان جي نماز قبول نه ٿيندي ۽ دعا به قبول نه ٿيندي ڇو جو الله تعالى ٿو ته الله صرف پرھيز گارن کان قبول ڪري ٿو. والله العالم