سوال:جنابت جي باري ۾شڪ جو ڇا حڪم آهي انھيءَ معني ۾ته آءٌ ڪڏهن شڪ ڪريان ٿو ته مون کي غسل پيو آهي ۽ صبح جو وسوسو ٿئي ٿو ته غسل پيو آهي يا نه ۽ اھا حالت مون سان گهڻي پيش اچي ٿي؟
جواب:بسمہ سبحانہ جنابت منيءَ جي نڪرڻ سان ثابت ٿئي ٿي، اگر هو شخص مني نه ٿو ڏسي ته پوءِ پنهنجي وھمن جي پرواھ نه ڪري. والله الهادي وهوالعالم