حجت الاسلام مولانا سيد عابد رضا نقوي حفظه الله جي مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) سان ملاقات
26/4/2025
نجف اشرف، عراق – حجت الاسلام والمسلمين مولانا سيد عابد رضا نقوي حفظه الله، مرجع عالي قدر آيت الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي دام ظله الوارف سان سندن مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ ملاقات ڪئي.
هن ملاقات دوران مولانا سيد عابد رضا نقوي حفظه الله، مرجع عالي قدر دام ظله الوارف جي صحت ۽ سلامتي بابت پُڇاڻو ڪيو ۽ سندن ڊگهي ڄمار، سلامتي ۽ وڌيڪ توفيقات جي لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي مولانا موصوف ڪينيڊا جي مؤمنين جي طرفان به مرجع عالي قدر دام ظله الوارف جي خدمت ۾ سلام پيش ڪيا ۽ عرض ڪيو ته ڪينيڊا ۾ خطبن دوران توهان جو ذڪرِ خير ڪيو ويندو آهي.
مرجع عالي قدر آيت الله العظمى حافظ بشير حسين نجفي دام ظله الوارف، معزز مهمان ۽ ڪينيڊا جي مؤمنين لاءِ خاص دعا فرمائي، ۽ سندن ديني خدمتن کي ساراهايو. ان سان گڏوگڏ امت مسلمه جي فلاح ۽ ڪاميابي لاءِ به دعا ڪئي.