حجت الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزہ)
اسان پوري دنيا جي شيعن جي حالتن تي نظر رکون ٿا . اسان شيعن کي حضرت امام زمانه (عج) جي اطاعت جي پرچم هيٺ متحد ڏسڻ جا خواهشمند آهيون
15/12/2024
مرجعِ مسلمين و جهانِ تشيع حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جي فرزند، مرڪزي دفتر جي مدير، ۽ انوار نجفيه فائونڊيشن جي سربراهه حجت الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزہ) مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ زائرن جي هڪ وفد سان خطاب ڪندي بعض امور تي پنهنجو موقف بيان ڪيو.
پاڻ فرمايو:
• مولا علي (عليه السلام) جي جوار ۾، اسان پاڻ کي مولا علي (عليه السلام) جي شيعن جو خادم سمجهون ٿا، ۽ اها ئي اسان جي سڃاڻپ آهي.
مؤمن دنيا جي ڪنھن به ڪنڊ ۾ رهندا ھجن انھن جي خدمت اسان لاءِ عزت ۽ شرف جو باعث آهي.
مرجعِ عالي قدر (دام ظله الوارف)، جن کي ٻه ڀيرا قاتلاڻي حملن جو منهن ڏسڻو پيو، سدائين فرمائيندا آھن ته سندن وجود ۽ زندگي مولا علي (عليه السلام) جي شيعن جي خدمت لاءِ وقف آهي.
• حوزہ علميہ نجف اشرف ۽ دنيا جي ٻين حوزن جي نگراني ۽ خدمت اسان لاءِ عزت ۽ شرف جو ڪارڻ آهي.
• اسان دنيا جي مؤمنن سان مسلسل رابطي ۾ آهيون، ۽ مرڪزي دفتر کان مختلف ٻولين ۾ رابطا جاري آهن.
اسان شيعن جي حالتن تي مسلسل نظر رکون ٿا، خاص طور تي سندن سماجي، معاشي، ۽ تعليمي حالتن ۽ مسئلن تي گهري نظر رکو ٿا.
ضرورت مطابق پنهنجن بيانن ۽ خيالن ذريعي مؤمنن کي پنهنجي آفيشل ذريعن سان آگاهه ڪندا رهون ٿا.
جيڪڏهن مومنن کي ڪنهن ڏکيائيءَ جو منهن ڏسڻو پوي ۽ مرجعيت جي مداخلت ضروري هجي، ته اسان پنهنجي موقف جو کليل اظهار ڪريون ٿا ۽ لاڳاپيل ذميوارن سان رابطو ڪري، الله جي توفيق سان، مومنن جي خدمت کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون.
• دنيا جي اڪثر ملڪن سان اسان جا سٺا تعلقات آهن، پر اهو واضح ھجي ته ڪنهن به حڪومت يا اداري سان اسان جي رابطي جو مقصد رڳو اتي جي مؤمنن جي خدمت ڪرڻ آهي.
پوري دنيا جي مؤمنن ڏانهن پيغام ڏيندي، شيخ علي نجفي (دام عزہ) وڌيڪ فرمايو:
هي دفتر توهان سڀني جو دفتر آهي، هي سڀني شيعن جو گهر آهي. توهان ڪنهن به ملڪ، ٻولي، يا قوم سان واسطو رکو، اسان توهان جي انهن خصوصيتن جي قدر ڪريون ٿا. پر ان کان وڌيڪ، اسان شيعن کي حضرت امام زمانه (عج) جي اطاعت جي پرچم هيٺ متحد ڏسڻ چاهيون ٿا ۽ توهان جي خدمت کي پنهنجي لاءِ شرف سمجهون ٿا.