عاشقان حسين (عليه السلام) جي مرجع عالي قدر دام ظله الوارف سان ملاقات

عاشقان حسين (عليه السلام) جي مرجع عالي قدر دام ظله الوارف سان ملاقات



8/12/2024


مرجع مسلمين و جهانِ تشيع حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) پنهنجي مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ ڪاروان الحرمين جي اهتمام هيٺ عتبات عاليات ۽ مقدس مقامن جي زيارت لاءِ ايندڙ عاشقان حسين عليه السلام جي خاص ڪاروان جو استقبال ڪيو.

مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) محترم زائرن کي خطاب ڪندي فرمايو ته، ظلم جي حڪمراني واري دور ۾ امام حسين عليه السلام جي زيارت لاءِ ايندڙ زائرن کي پنهنجا هٿ ۽ پير قربان ڪرڻا پوندا هئا، پر اڄ خدا تعاليٰ توهان تي مهرباني فرمائي آهي ۽ توهان کي امام حسين عليه السلام جي زيارت جو عظيم شرف عطا ڪيو آهي. تنهن ڪري پاڻ ۾ مثبت تبديلي کي يقيني بڻايو.

هن زيارت کانپوءِ جڏهن توهان واپس پنهنجي وطن پهچو ته توهان جا عزيز، قريب ۽ اهل وطن توهان ۾ واضح تبديلي ڏسن. جيڪڏهن اهي توهان کان ان تبديلي بابت پڇن، ته کين ٻڌايو ته جنهن امام حسين عليه السلام حضرت حر عليه السلام کي جهنم کان ڪڍي جنت جي باغن تائين پهچايو، ساڳئي ڪريم امام جي زيارت مون کي به بدلائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن هي مثبت تبديلي واقع ٿئي، ته ان کي پنهنجي زيارت جي قبوليت جي هڪ نشاني سمجهو.







ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو