الحمدلله علاج جي مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) بحث خارج جو درس ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو

الحمدلله علاج جي مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) بحث خارج جو درس ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو



9/9/2024


 مرجع مسلمين و جهانِ تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ صحت جي خرابي مان شفا حاصل ڪرڻ کان پوءِ ڪيترن مهينن کان پوءِ بحث خارج جو درس ٻيهر شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ حوزي علميه جا افاضل ۽ علماءَ ڪرام اڳ جي دستور موجب شرڪت ڪري رهيا آهن.

واضح رهي ته مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) کي گذريل مهينن ۾ صحت جو مسئلو ٿيو هيو، ۽ ڪيترن آپريشنن کان پوءِ صحتيابي جي مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ درس جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو آهي. 

مرڪزي دفتر سڀ کان پهرين رب العالمين جو شڪر ادا ٿو ڪري ۽ پوءِ انهن سڀني معزز شخصيتن جو شڪر گذار آهي جن مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) جي احوال پرسي ڪئي، ۽ مومنين کي اطمينان ڏياريون ٿا ته ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ، ان شاء الله مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) پنهنجي علمي ۽ ٻين خدمتن جو آغاز ڪندا

 ته جيئن محمد ۽ آل محمد عليهم السلام جي دين ۽ حوزي علميه جي خدمت جو سلسلو جاري رهي.






ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو