بغداد ۾ آسٽريليا جي سفير جي مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) سان ملاقات

بغداد ۾ آسٽريليا جي سفير جي مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) سان ملاقات



4/9/2024


مرجعِ مسلمين و جهانِ تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) پنهنجي مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ عراق ۾ آسٽريليا جي نئين سفير، مسٽر گلين ميلز، ۽ سندن گڏ وفد جو استقبال ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن عراق ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ باهمي رابطن ۽ دوستي جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو.

مرجعِ عالي قدر (دام ظله الوارف) اقتصادي ۽ ٻين شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو، جيڪا ٻنهي ملڪن جي عوام جي حق ۾ آھي.

ٻئي طرف، مرجعِ عالی قدر (دام ظله الوارف) جي فرزند ۽ مرڪزي دفتر جي مدير حجة الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزہ) بہ مهمان سفير ۽ ان جي وفد سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن ۽ ٻين شعبن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وڌيڪ انھن ملڪن جي احترام ۽ خودمختياري تي ٻڌل سفارتي لاڳاپن کي ڀليڪار ڪيو.ان شرط تي ته اهي دوست ملڪن جي وچ ۾ تهذيبي ۽ ثقافتي سڃاڻپ تي اثرانداز ٿيڻ واري ثقافتي مداخلت کان پاسو ڪن.

پنهنجي طرفان، ميلز عراق ۾ پنهنجن اهم ترين سفارتي مشن جي وضاحت ڪئي ۽ حسن استقبال ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو.





ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو