پيغام اربعين

پيغام اربعين



17/8/2024


چھلم امام حسين عليه السلام جي موقعي تي حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جو مؤمنن جي نالي پيغام

السلام عليڪم و رحمة الله وبرڪاته

چھلم جي موقعي تي حضرت امام حسين عليه السلام جي زيارت ۽ خاص طور تي انهن جي روضي مبارڪ تائين پنڌ ڪري وڃڻ خدا جي عطا ڪيل هڪ عظيم نعمت آهي.

 جنهن جي شڪراني طور حضرت امام حسين عليه السلام جي ٻڌايل راه تي گامزن رهڻ اسان سڀني تي فرض آهي، ۽  جيسيتائين اسان حضرت امام حسين عليه السلام جي راه تي قائم آهيون، رسول الله (صلى الله عليه وآله وسلم)، حضرت امام علي (عليه السلام)، حضرت فاطمه زهراء (عليها السلام) ۽ باقي ائمه اهلبيت (عليهم السلام)، خصوصاً امام زمانه (عج) جي نظرِ ڪرم ۽ دعائون اسان سڀني سان گڏ آهن.

چهلم حضرت امام حسين (عليه السلام) جو هي عظيم اجتماع اهلبيتؑ جي دشمنن جي اکين ۾ ڪنڊن وانگر چڀي رهيو آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ اهي هر ممڪن وسيلو استعمال ڪري رهيا آهن،

يُرِيدُونَ لِيُطْفِئُوا نُورَ اللَّهِ بِأَفْوَاهِهِمْ وَاللَّهُ مُتِمُّ نُورِهِ وَلَوْ كَرِهَ الْكَافِرُونَ

ھي ماڻهو چاهين ٿا ته پنهنجي وات (جي ڦوڪن) سان الله جي نور کي وسائن، پر الله پنهنجي نور کي پورو ڪري ئي رھندو، توڙي جو ڪافر بُرو سمجهن.

تنهن ڪري، دشمنان اهلبيتؑ جي سازشن جي پرواھ نه ڪندي حسينيت تي ثابت قدم رهو.

خدا توهان کي خير ۽ عافيت سان هن مقدس سفر کي پورو ڪرڻ ۽ هڪ سچو حسيني بڻجي پنهنجي وطن واپس وڃڻ جي توفيق عطا فرمائي.

والسلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته

التماس دعا

بشير حسين النجفي



ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو