فلسطيني عوام ۽ اسلامي ملڪن تي حملن جي حوالي سان مرجع مسلمين و جهان تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جي مرڪزي دفتر جي رسمي بيان جو ترجمو

فلسطيني عوام ۽ اسلامي ملڪن تي حملن جي حوالي سان مرجع مسلمين و جهان تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جي مرڪزي دفتر جي رسمي بيان جو ترجمو



10/8/2024


تاريخ: 5 صفر 1446ھ، مطابق: 10/8/2024م.

بسم الله الرحمن الرحيم

قال الله تعالى: (يَا أَيُّهَا النَّبِيُّ جَاهِدِ الْكُفَّارَ وَالْـمُنَافِقِينَ وَاغْلُظْ عَلَيْهِمْ وَمَأْوَاهُمْ جَهَنَّمُ ‏وَبِئْسَ الْـمَصِيرُ).‏

صَدَقَ اللّهُ الْعَلِيُّ الْعَظِيمُ.‌‏

اسان فلسطيني عوام تي ٿيل غدارانه حملن، خاص طور تي ثابت قدم غزه ۾ خدا جي گهر ۾ نمازين تي اڄ صبح جي وقت ٿيل حملن جي سخت مذمت ڪريون ٿا، جنهن ناحق ۽ جارحانه طريقي سان وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي شهيد ۽ زخمي ڪيو، هي قومن ۽ ملڪن خلاف غداري ۽ جارحيت جي روش جو تسلسل آهي.

اسلامي جمهوريه ايران تي پڻ ان جي خودمختياري جي خلاف ورزي ڪندي هڪ صريح حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ مزاحمتي اڳواڻ اسماعيل هنيه کي قتل ڪيو ويو، ۽ ان کان اڳ لبنان، شام ۽ يمن جي زمينن تي پڻ حملن ۾ ڪيترائي شهيد ۽ زخمي ٿيا، جن ۾ سڀني کان اڳ شهيد ڪمانڊر جناب فواد شڪر هئا.

اهڙي ريت ماڻهن ۽ انسانيت کي حقير سمجھندي، سڀني الٰهي ۽ انسانن جي ٺاھيل اقدار ۽ قانونن جي کلي مخالفت پڻ ٿي، جنهن ۾ بک، بي گهر ٿيڻ ، ڌمڪيون، ۽ ٻارن ۽ عورتن جو قتل شامل آهي.

ان سلسلي ۾ اسان جو موقف واضع آهي: دنيا ۾ جيڪا به انسانيت باقي بچي آهي، اها ان کي روڪڻ لاءِ اٿي کڙي نه ٿي ته هي جراثيم دنيا کي اهڙين مصيبتن ۾ ڌڪيندو جنهن جي نه ڪا ابتدا هوندي ۽ نه ڪا انتها.

اسان انهن ملڪن ۽ تنظيمن کي ياد ڏياريون ٿا جيڪي انساني حقن جا نعره لڳائين ٿا ته انهن قانونن ۽ طريقن جي ڪا به قيمت ناهي جن تي توهان ڪم ڪيو آهي، جيستائين توهان ظالم ۽ غاصب کي روڪڻ ۽ مظلوم جي حمايت ۾ فيصلائتو موقف اختيار نٿا ڪريو.

اسان مسلمانن کي اپيل ڪريون ٿا تہ هوءَ هن غاصب هستي کي فلسطيني سرزمين ۽ اسلامي ملڪن مان هٽائڻ لاءِ سخت محنت ڪن.

ولا حول ولا قوة إلا بالله العلي العظيم.



ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو