ڪرم ايجنسي (پاراچنار) جي حاليه واقعن تي مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جو بيان
28/7/2024
ڪرم ايجنسي (پارا چنار) جي پنھنجي پيارن جي خدمت ۾.
بسم الله الرحمن الرحيم
قال الله سبحانه: (مِنَ الْمُؤْمِنِينَ رِجَالٌ صَدَقُوا مَا عَاهَدُوا اللَّهَ عَلَيْهِ فَمِنْهُمْ مَنْ قَضَىٰ نَحْبَهُ وَمِنْهُمْ مَنْ يَنْتَظِرُ وَمَا بَدَّلُوا تَبْدِيلًا(صدق اللہ العلي العظیم).
انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪرم ايجنسي (پارا چنار) ۾ تشويشناڪ خبرون ملي رهيون آهن حڪومت سيڪيورٽي ذميدار سڀني جي سامھون دھشتگرد مؤمنن کي ظلم و ستم جو نشانو بڻائي رھيا آھن افسوس جي ڳالھ آھي تہ اها قوم ڪيتري وقت تائين پنهنجن نوجوانن جا جنازا پنهنجي ڪلهن تي کڻندي رهندي جنھن جو پاڪستان جي قيام ۾ بنيادي ڪردار ھيو ۽ آھي ڳالھ سمجھ کان ٻاهر آهي تہ ڇا انهن دهشتگردن جي اڳواڻن جو اهڙو اثر آھي جو ملڪ جا سمورا ادارا بي وس آهن؟
اها حڪومت جي ذميواري آهي ته ملڪ جي هر شهريءَ کي امن و امان مھيا ڪري ۽ عملي قدم کڻي ته جيئن شهرين کي اهو احساس ٿئي ته حڪومت ۽ ادارا خالي لفاظي کان وڌيڪ عملي قدمن تي يقين رکن ٿا ۽ سڀني تي واضح هجڻ گهرجي ته دنيا ۾ گھڻا ئي اهڙا ملڪ آهن جتي مختلف دينن ۽ مذهبن جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي مذهب ۽ عقيدن جي پيروي ڪندي پُرامن طريقي سان زندگي گذاري رهيا آهن، علماء ڪرام ۽ بااثر ماڻهو پُرامن باهمي زندگيء کي فروغ ڏيڻ لاءِ جديت سان پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ۽ مومنين ڪرام ھن مشڪل گھڙيءَ ۾ پنھنجي ڀائرن کي دھشتگردن جي ڄار ۾ اڪيلو نه ڇڏين، گھٽ ۾ گھٽ انھن کي پنھنجي دعائن ۾ ضرور ياد رکون
منهنجا پيارؤ! اهو سچ آهي ته اسان توهان کان ڪئي ميل پري آهيون ۽ توهان جي خدمت ۾ حاضر نٿا ٿي سگهون ، پر توهان اسان جي دلين ۾ آھيو ، اسان جي دعائن ۾ آھيو ، ۽ نه رڳو اسان جي دعائن ۾ بلڪ خدا جي رحمت ۽ اهلِ بيت عليھم السلام جو لطف ۽ ڪرم به اوهان سان گڏ آهي ۽ اسان جا شهيد اهل بيت (ع) جي جوار ۾ آهن ۽ انهن جي خاص شفاعت جي حفاظت ۾ آهن. امام زمانه عجل الله فرجه الشريف جي نظر رحمت توھان سان گڏ آھي.
والسلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته
بشير حسين نجفي
نجف اشرف عراق
21 محرم 1446ع