سلطنت عمان ۾ دهشتگردي حملي تي مرڪزي دفتر مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) جو بيان

سلطنت عمان ۾ دهشتگردي حملي تي مرڪزي دفتر مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) جو بيان



22/7/2024


بسم الله الرحمن الرحيم

قال الله تعالى: (الَّذِينَ إِذَا أَصَابَتْهُمْ مُصِيبَةٌ قَالُوا إِنَّا للهِ وَإِنَّا إِلَيْهِ رَاجِعُونَ).‏

صَدَقَ اللّهُ الْعَلِيُّ الْعَظِيمُ.‏

 سلطنت عمان ۾ اسان جي عزيزن جي خدمت ۾

 سڀ کان پهريان اسان حضرت امام زمانه (ع) جي خدمت ۾ جن ھن مصييبت کي منھن ڏنو آھي ۽ جنھن کي خدا، رسول (ص) ۽ اهل بيت (ع) جي دشمنن طرفان انجام ڏنو ۽ وادي ڪبير مسقط ۾ سيدالشھداء جي عزادارن کي کي نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ مومنن جو هڪ گروهه اسان کان جدا ٿي ويو، جيڪي  سبط رسول اڪرم  حضرت امام حسين عليه السلام جي مصيبتن کي زندھ رکڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا، جيڪو اصل ۾  دين الھي کي زندھ رکڻ ۽ خدا ۽ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ۽ اھل بيت عليھم السلام جي ولايت جي تجديد، عھد ۽ بيعت آھي. عزادارن سان گڏ سيڪيورٽي اهلڪارن به سوگوارن جي حفاظت لاءِ جانن جو نذرانو پيش ڪيو.

ڌڻيءَ در دعا آھي ته هو انهن کي حضرت امام حسين عليه السلام جي انصار ۾ محشور ڪري. ان موقعي تي اسان ان ڳالهه تي زور ڀريون ٿا ته سلطنت عمان امن ۽ ھم آھنگي جو ملڪ هيو ۽ رهندو ۽ ان بزدلاڻي عمل جو سرچشمو نفرت، دشمني، جهالت ۽ ڪفر آهي، جنهن ماضي ۾ ڪيترن ئي مسلمان ملڪن کي متاثر ڪيو آهي.

 اسان دعا ٿا ڪريون ته الله تعالى مرحومن جي مغفرت فرمائي، زخمين کي شفا عطا فرمائي ۽ پوري سلطنت عمان ۾ پيارن جي حفاظت فرمائي، يقيناً هو دعائن جو ٻڌندڙ ۽ قبول ڪرڻ وارو آهي. ولا حول ولا قوة إلا بالله العلي العظيم.‏




ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو