امام حسين عليه السلام اصلاح ۽ قرباني جو اعلى ترين نمونو آهي

امام حسين عليه السلام اصلاح ۽ قرباني جو اعلى ترين نمونو آهي



22/7/2024


مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) جي فرزند ۽ مرڪزي دفتر جي سربراهه حجت الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزہ) بصره کان آيل نوجوانن جي وفد جو مرڪزي دفتر ۾ استقبال ڪيو ۽ انهن کي خطاب ڪندي فرمايو ته

 • امام حسين (ع) امت جي اصلاح جي لاءِ نڪتا ھئا  ۽ ان مقصد لاءِ سڀ کان قيمتي قربانيون ڏنيون، ايتري قدر جو ڪربلا ۾ پنهنجي معزز خاندان ۽ اصحابن کي پيش ڪيو، اسان کي ان جي پيروي ڪرڻ کپي، ان جي ڏيکاريل واٽ تي ھلون ۽ مذهب ۽ سماج جي خدمت ۾ پنهنجون بهترين خدمتون سرانجام ڏيو.

 • امام حسين (ع) جو پيغام جاري آهي ۽ جاري رهندو.

 • انھن حاضرين کي اهل بيت عليهم السلام ۽ قرآن پاڪ جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي تلقين ڪئي.

 • خدا کان دعا ٿو گهران ته اھو اسان ۽ توهان کي امام حسين (ع) جي حمايتين ۽ خادمن، ۽ انهن تي روئڻ وارن ۾ شامل ڪري.




ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو