مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ عشره مجالس جو انعقاد

مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ عشره مجالس جو انعقاد



11/7/2024


 گذريل سالن وانگر هن سال به مرڪزي دفتر  مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظلہ الوارف) نجف اشرف عراق ۾ مرجع عالي قدر (دام ظلہ الوارف) جي موجودگي ۾ الحمد لله پهرين محرم الحرام کان مجلس سرڪار سيد الشهداء عليه السلام حضرت محمد مصطفى (صلي الله عليه وآله وسلم) جو سلسلو جاري ۽ ساري آهي، جنهن ۾ حوزه علميه جا نامور فاضل محترم علماء استاد، شاگرد ۽ مومن شرڪت ڪري رهيا آهن.

 مرجع عالي (قدر دام ظلہ الوارف)  جي فرزند ۽ مرڪزي دفتر جي سربراهه شيخ علي نجفي دام عزہ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ فرمايو ته حضرت محمد  ۽ آل محمد عليھم السلام جو ذڪر خاص ڪري امام حسين عليه السلام جي مجلس جو اھتمام ۽ ان جي بقا جو حڪم محمد و آل محمد عليھم السلام  اسان کي ڏنو آهي ۽ الحمدلله اسان ان جا پابند آهيون ۽ ان شاءالله رهنداسين.

 سائين جن رب جي بارگاه ۾ عزاداريءَ جي دشمنن جي شر کان مؤمنن جي حفاظت ۽ سندن وڌيڪ ڪاميابين لاءِ دعا گهري.








ٽيليگرام تي نجفي چينل جوائن ڪريو


موڪليو
پرنٽ ڪريو
محفوظ ڪريو