|
آيتُ الله اعرافي (دامَ ظلُّه) ۽ ساڻس گڏ آيل وفد جو حضرت آيتُ الله العُظمیٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دامَ ظلُّه) استقبال ڪيو۔ 29/11/2025 ![]() |
مرجعِ مُسلِمين و جهانِ تشيّع، حضرت آيتُ الله العُظمى الحاج حافظ بشير
حسين نجفي (دامَ ظلُّهُ الوارف) نجفِ اشرف جي مرڪزي دفتر ۾ اسلامي جمهوريت ايران جي
حوزاتِ علميّه جي سربراهه، آيتُ الله شيخ علي رضا اعرافي (دامَ ظلُّه) ۽ ساڻ وفد جو
خير مقدم ڪيو. گفتگو دوران حضرت مرجعِ عالي قدر (دامَ ظلُّه) کي علامه ميرزا نائينيؒ
جي فِڪرن ۽ آثار بابت منعقد ڪيل ڪانفرنس جي علمي نتيجن، ۽ سندن قيمتي ميراث جي تدوين ۽ تحقيق لاءِ تيار ڪيل جامع موسوعاتي منصوبي جي
تفصيلن کان باخبر ڪيو ويو۔
ملاقات جي پڇاڙيءَ تي، آيتُ الله شيخ اعرافي (دامَ ظلُّه) قُم ۾ حوزي علميه جي تاسيس جي سؤ سالن کان ملهائيندڙ تقريبن ۾ حضرت مرجعِ عالي قدر (دامَ ظلُّه) جي نمائندي طور حجّةُ الاسلام شيخ علي نجفي (دامَ عزُّه) جي شموليت تي پنهنجي قدرداني ظاهر ڪئي، ۽ مرجعِ معظم جي قيمتي وقت ڏيڻ تي شڪريو ادا ڪيو۔ |