مرڪزي دفتر مرجع مسلمين و جهان تشيع حضرت آية الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله) جن جو پاڪستان جي شھر پاراچنار جي مومنن کي نشانو بڻائڻ بابت عربي ۾ جاري ڪيل بيان جو ترجمو 23/12/2024 |
بِسْمِ
اللهِ الرَّحْمَنِ الرَّحِيمِ الله تعالى
جو ارشاد آهي: {الَّذِينَ
إِذَا أَصَابَتْهُمْ مُصِيبَةٌ قَالُوا إِنَّا لِلَّهِ وَإِنَّا إِلَيْهِ
رَاجِعُونَ أُوْلَئِكَ عَلَيْهِمْ صَلَوَاتٌ مِنْ رَبِّهِمْ وَرَحْمَةٌ
وَأُوْلَئِكَ هُمُ الْمُهْتَدُونَ}
[البقره: 155-157] صدق الله
العلي العظيم اڄ هڪ
ڀيرو ٻيهر اسان جي پاراچنار جي ڀائرن ۽ ڀينرن تي ٿيندڙ ڏاڍ ۽ ظلم سان اسان جي دلن
۾ غم تازو ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن. اسان پنهنجي دانهن
الله جي بارگاهه ۾ پيش ڪريون ٿا ۽ هن ڏکوئيندڙ حادثي تي صاحب الزمان (عجل الله
تعالى فرجه الشريف) جي خدمت ۾ تعزيت پيش ڪريون ٿا. اسان شهيدن جي وارثن ۽ زخمين جي
خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪريون ٿا.
مصيبت
اها آهي ته ذميدار ادارن طرفان اهڙي قسم جي واقعات جي روڪٿام لاءِ ڪا سنجيدگي نٿا
ڏسون. جيتوڻيڪ اسان پنهنجي پهرين بيانن ۾ هن قسم جي واقعن بابت اڳ ۾ ئي خبردار ڪيو
هو، ۽ اهو سڀ ڪجهه انهن جي اکين اڳيان ٿيو آهي.
وَلَا حَوْلَ وَلَا قُوَّةَ إِلَّا بِاللَّهِ العَلِيِّ العَظِيمِ |