حضرت آيت الله سيد محمد علي شيرازي (رضوان الله تعالى عليه) جي جنازي نماز مرجع عالي قدر حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جي امامت ۾ ادا ڪئي وئي 24/12/2024 |
مرجع
عالي قدر حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) حرم
حضرت امير المومنين (عليه السلام)، نجف اشرف ۾ حضرت آيت الله سيد محمد علي شيرازي
(رضوان الله تعالى عليه) جي جنازي نماز پڙهائي، جنهن ۾ حوزہ علميه جي فضلاء ۽ معزز
علماء ڪرام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) رب جي بارگاھ ۾
مرحوم جي درجات جي بلندين ۽ انهن کي
سندن اجداد معصومين (عليهم السلام) جي قرب
۽ جوار ۾ جڳهه ملڻ جي دعا فرمائي.
ان کان پوءِ مرحوم جي وارثن، شاگردن ۽ لواحقين کي تعزيت ۽ تسليت پيش ڪئي. مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف)حرم حضرت امير المومنين عليه السلام جي زيارت کان شرفياب ٿيا ۽ حرم ۾ مدفون مرجع عظام جي قبرن تي فاتحه خواني پڻ ڪئي. |