ڪويت ۾ جعفري اوقاف جي انتظاميه جي ڊائريڪٽر جي مرجع عالي قدر دام ظله الوارف سان ملاقات 8/12/2024 |
مرجع
مسلمين و جهانِ تشيع حضرت آيت الله العظميٰ الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله
الوارف) پنهنجي مرڪزي دفتر نجف اشرف ۾ ڪويت ۾ جعفري اوقاف جي انتظاميه جي ڊائريڪٽر
جناب طارق الحبيب صاحب ۽ سندن وفد جو استقبال ڪيو. مرجع
عالي قدر دام ظله الوارف پنهنجي خطاب ۾ مهمان وفد کي عوام جي خدمت لاءِ ڪم ڪرڻ جي
اهميت تي زور ڏنو. گڏوگڏ، ڀائر ملڪن، خاص طور تي جمهوريه عراق ۽ رياست ڪويت جي وچ
۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ تاڪيد ڪئي.
ان کان علاوه، وفد مرجع عالي قدر (دام ظله الوارف) جي مهيا ڪيل بابرڪت وقت ۽ مشورن تي شڪرانو ادا ڪيو ۽ پنهنجي عراق، خاص ڪري نجف اشرف جي مقدس شهر جي دوري بابت خيالن جو اظهار ڪيو. |