اربعين جي زيارت امام حسين عليه السلام سان وفاداري ۽ تعلق جي تجديد لاءِ هڪ مقدس الٰهي منصوبو آهي

اربعين جي زيارت امام حسين عليه السلام سان وفاداري ۽ تعلق جي تجديد لاءِ هڪ مقدس الٰهي منصوبو آهي

11/8/2024




مرجع مسلمين و جھان تشيع حضرت آيت الله العظمى الحاج حافظ بشير حسين نجفي (دام ظله الوارف) جي فرزند ۽ مرڪزي دفتر جي مدير حجت الاسلام شيخ علي نجفي (دام عزہ)  مرڪزي دفتر  نجف اشرف ۾ زيارت اربعين لاءِ آيل مختلف ملڪن جي زائرن کي خوش آمديد چيو ۽ خطاب ڪندي فرمايو ته:

• اربعين جي زيارت امام حسين عليه السلام سان وفاداري ۽ تعلق جي تجديد لاءِ هڪ مقدس الٰهي منصوبو آهي.

• امير المومنين  علي (عليه السلام) متقين جا امام آهن اھل ايمان کي اھل تقوى  ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ هر ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

• آئمه اهل بيت (عليهم السلام) جي روضن تي حاضر ٿيڻ واري مومن کي گهرجي ته هو ان زيارت ذريعي پنهنجي اخلاق کي بهتر بڻائڻ، معاشري ۾ هڪ مثبت رول ماڊل بڻجڻ، ۽ پنهنجي خاندان ۽ معاشري سان تعلقات ۾ مثبت اثرات پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.

• اربعين جي زيارت زائرن جي زندگي ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جو هڪ بهترين موقعو آهي، ڇو ته

اها صرف هڪ مذهبي رسم نه آهي بلڪ خدا سان عهد جي تجديد، اسلام جي تعليمات ۽ اهل بيت (عليهم السلام) جي اخلاق سان وابستگيءَ تي زور ڏيڻ جو موقعو آهي.

• اربعين جي زيارت خيالن ۽ ماڻهن جي اجتماع جو مرڪز آهي جتي هدف هڪ هوندو آهي  قومي ۽ سياسي اختلاف ۽ وابستگي ختم ٿي ويندي آهي، جيئن سڀني جي وابستگي صرف امام حسين (عليه السلام) سان رهي.

• اربعين جي زيارت هڪ مقدس، الٰهي منصوبو آهي جنهن جي غرض حسيني مقصد کي مومنن جي روح ۾ زنده رکڻ ۽ اهل بيت (عليهم السلام) سان غم ۽ سچي وفاداري جي تجديد ڪرڻ آهي. اهو منصوبو ھر سال طاقت ۽ شرڪت ۾ واڌ ڪري رهيو آهي، ڇو ته اهو روحاني طاقت، تجديد وفاداري، ۽ حقيقي تعلق جو ذريعو بڻجي ٿو.